ڄام راول

ڄام راول: ڄام راول، ڄام لاکي جو پٽ هو، جيڪو 1535ع ڌاري ڪاٺياواڙ جي اترئين سامونڊي ڪناري تي حڪمراني ڪندو هو. ڀانن ۽ چارڻن جي روايتن موجب ڄام لاکي، پاواڳڙهه، بهادر شاهه، ۽ ٻين قلعن جو محاصرو ڪري، گجرات جي بادشاهه کان 12 ڳوٺ قبضي ۾ آندا. جيئن ئي ڄام لاکو قبضو وٺڻ لاءِ ويو ته کيس پنهنجن سوٽن: تماچي ۽ همير جاڙيجي رستي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، پر ڄام لاکي جي پٽ راول ڪنهن نموني جان بچائي ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتائين. ڄام همير کي ٻه پٽ هئا، هڪ جو نالو کنگهار ۽ ٻئي جو نالو صاحب جي هو. اهي بادشاهه همايون مغل جي درٻار ۾ رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. همايون بادشاهه سان شڪار ڪندي، هنن شينهن ماريو ته بادشاهه خوش ٿي کين ڪڇ تي چڙهائيءَ لاءِ فوج ڏني. جڏهن راول کي خبر پئي ته ٻئي شهزادا شاهي فوج سان گڏ ڪڇ ڏانهن ڪاهيندا پيا اچن، ته هن راتو رات ڪڇ ڇڏي ڄام تماچيءَ تي حملو ڪري کيس قتل ڪيو ۽ ترول جي شهر تي قبضو ڪيو. ترت هن سوراشٽر تي حملو ڪري ان کي به قبضي هيٺ آندو. هن ڄام نگر شهر جو بنياد 1540ع ۾ رکيو (ڏسو: ڄام نگر). ڄام راول 1548ع تائين سوراشٽر جو حڪمران رهيو ۽ پنهنجي چاچي همير کي 1537ع ۾ قتل ڪري ڪڇ تي قبضو ڪيائين.


لفظ ڄام راولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو